جنم جنم جي جيت اياز

جنم جنم جي جيت اياز

جنم جنم جي جيت اياز

جنم جنم جي جيت اياز (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو لکيل آهي. ليکڪ شيخ اياز جي ننڍپڻ توڙي سندس گهراڻي جي تاريخ بابت هڪ دلچسپ ۽ اهم کوجنا ڪئي آهي، پر ان سان گڏ شڪارپور جي ان وقت جي ماحول جي گهڻ پاسائين تاريخ کي بيـان ڪيـو آهـي. ايـاز جـي جيـون ڪٿا جا مختلف رخ هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، امداد حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي ۽ ٻين جا رايا به شامل آهن. هن ڪتاب جي آخري صفحـن تي شيخ اياز جو سوانحي خاڪو، شيخ اياز ادب جي دنيا ۾ ۽ شيخ اياز جا شايع ٿيل ڪتاب جهڙا ليک موجود آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1999ع ۾شايع ٿيو. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي. هن ڪتاب کي گنج بخش ڪتاب گهر ڇپائي پڌرو ڪيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو